چَنا 1

چـَنـا 1: چـنـا، سنڌ جو هڪ قديم قبيلو آهن. صدين کان سنڌ ۾ هڪ چوڻي عام آهي ته:
سنڌ سمون، ڪاڇي چنو، ڀٽي جيسلمير،
چوٿون ڀاءُ چغدو، جنهن جو اڱڻ مٿي پير.
ان مان هن قبيلي جي قدامت ظاهر آهي. چنا ايامن کان سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ رهن ٿا. چنا سماٽ قبيلو آهن ۽ موجوده دادو، لاڙڪاڻي، نوابشاهه ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ اڪثريت سان آباد آهن. چچ نامه موجب 712ع ۾ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو هو ته ان وقت چنا قبيلي وارا ڪاڪا راڄ ۾ رهندا هئا. سندن حڪمران ڪاڪو پٽ وڪيو هو. سندن مرڪز سيوهڻ هو. ابتدا ۾ معرڪي جو ارادو ڪيائون، پر پوءِ محمد بن قاسم سان صلح ڪري اسلام قبول ڪيائون. ان طرح چنا قبيلو ان دور جي اوائلي مسلمانن ۾ شمار ٿئي ٿو. موجوده دؤر ۾ هن قبيلي جا فرد جديد تعليم سان روشناس آهي ۽ سنڌ ۾ هن قبيلي ۾ ڪيترا اهم فرد پيدا ٿيا آهن، جن ۾ عبدالله چنا، زينت عبدالله چنا، پروفيسر محبوب علي چنا، جسٽس زيڊ. اي. چنا، محترمه آمنه خميساڻي، علي محمد چنا، ڪريم بخش چنا ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو